طالب الموليٰ رسالو

طالب الموليٰ (رسالو): هي سنڌي رسالو ’طالب الموليٰ‘ دادو طرفان 1953ع ۾ جاري ڪيو ويو. جيڪو ماهوار شايع ٿيندو هو. هن رسالي جو ايڊيٽر سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر جمع خان ’غريب‘ هو. هي رسالو علمي ادبي لحاظ کان معياري هو. ادبي ۽ تحقيقي موضوعن سان گڏ شاعري شايع ڪئي ويندي هئي. ادبي حلقي ۾ لکڻ جو شوق پيدا ڪرڻ سان گڏ، نون لکندڙ کي هن رسالي ذريعي اتساهه مليو. جمع خان ’غريب‘ جي وفات بعد هي رسالو بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو